تهران – 14 مئي (اي پي پي ) ايران چيو آهي ته آمريڪا جون تازيون لڳايل نيون پابنديون قبول ڪرڻ جوڳيون ناهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ايران جي ايٽمي پروگرام بابت اختلافن جي حل لاءِ ڳالهين دوران ايران خلاف آمريڪا جون تازيو لڳايل نيون پابنديون لاڳو ڪرڻ قبول ڪرڻ جوڳيون ناهن. هن چيو ته اهي پابنديون ڳالهين جي حوالي سان اسان جي نقطه نظر کي متاثر ڪنديون. واضع رهي ته آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته 12 مئي تي آمريڪا ايران جي ٽن ماڻهن ۽ هڪ اداري تي ايٽمي هٿيارن جي تياري ۾ مبينه ڪردار تي پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام کي گهڻي حد تائين وڌائي رهيو آهي ۽ ايٽمي هٿيارن ۽ ايٽمي هٿيارن جي فراهمي جي نظام تي تحقيق ۽ ترقي جون سرگرميون جاري رکيون آهن.