ڀارت پاران روس کي وڌيڪ ايس 400 ميزائلن جي درخواست

ماسڪو-14 مئي (اي پي پي) ڀارتي جارحيت جي جوابي ڪارروائي ”آپريشن بنيان مرصوص“ جي نتيجي ۾ ميزائلن جو ذخيرو تباهه ٿيڻ کانپوءِ ڀارت روس کي وڌيڪ ايس 400 ميزائلن جي درخواست ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي گذريل ڏينهن آدمپور بيس جو دورو ڪيو ۽ پس منظر ۾ ايس 400 ميزائل لانچرن جي تصوير سان گڏ هڪ ميڙ کي خطاب ڪيو ته جيئن ڀارت جي ڪمزور …

ماسڪو-14 مئي (اي پي پي) ڀارتي جارحيت جي جوابي ڪارروائي ”آپريشن بنيان مرصوص“ جي نتيجي ۾ ميزائلن جو ذخيرو تباهه ٿيڻ کانپوءِ ڀارت روس کي وڌيڪ ايس 400 ميزائلن جي درخواست ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي گذريل ڏينهن آدمپور بيس جو دورو ڪيو ۽ پس منظر ۾ ايس 400 ميزائل لانچرن جي تصوير سان گڏ هڪ ميڙ کي خطاب ڪيو ته جيئن ڀارت جي ڪمزور حوصلن کي سهارو ملي سگهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب روس جلد ئي ڀارت جي درخواست جو جواب ڏيندو.