سرينگر- 13 مئي (اي پي پي) غيرقانوني طور ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين پنهنجي رياستي دهشتگردي جي تازي ڪارروائي دوران شوپيان ضلعي ۾ 3 ڪشميري نوجوانن کي جعلي مقابلي ۾ شهيد ڪري ڇڏيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق نوجوانن کي ڀارتي فوجين، ضلعي جي علائقي ڪيلر شڪرو ۾ گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪارروائي دوران شهيد ڪيو. هڪ سينئر ڀارتي پوليس آفيسر، نوجوانن کي عسڪريت پسند قرار ڏيندي دعويٰ ڪئي آهي ته انهن کي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ قتل ڪيو ويو. مقامي ماڻهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ڀارتي فورسز نوجوانن کي شوپيان ۾ هڪ جعلي مقابلي ۾ شهيد ڪرڻ کانپوءِ انهن جا لاش علائقي ۾ منتقل ڪيا آهن.