بيجنگ- 13 مئي (اي پي پي) چين لاطيني آمريڪي ملڪن کي 9.2 بلين ڊالرن جو قرض فراهم ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي صدر شي جن پنگ ”چين - لاطيني آمريڪي ۽ ڪيريبين رياستن جي برادري “ جي عنوان سان فورم جي چوٿين وزارتي اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سندس ملڪ لاطيني آمريڪي ملڪن کي 66 بلين يوان (9.2 بلين ڊالرن ) جي اوڌر فراهم ڪندو. …
چين لاطيني آمريڪي ملڪن کي 9 ارب 20 ڪروڙ ڊالرن جو قرض فراهم ڪندو: چين جو صدر شي جن پنگ

مزید خبریں
بيجنگ- 13 مئي (اي پي پي) چين لاطيني آمريڪي ملڪن کي 9.2 بلين ڊالرن جو قرض فراهم ڪندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي صدر شي جن پنگ ”چين – لاطيني آمريڪي ۽ ڪيريبين رياستن جي برادري “ جي عنوان سان فورم جي چوٿين وزارتي اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سندس ملڪ لاطيني آمريڪي ملڪن کي 66 بلين يوان (9.2 بلين ڊالرن ) جي اوڌر فراهم ڪندو. هن چيو ته چين لاطيني آمريڪي ملڪن کان وڌيڪ اعلى معيار جي مصنوعات روانگي واپار ڪرڻ چاهي ٿو . هن چيو ته اسان لاطيني آمريڪي ۽ ڪيريبين رياستن جي ترقي ۾ مدد لاءِ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪنداسين.











