سرينگر -12 مئي (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ قابض اختيارين پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ سبب ڪنٽرول لائين جي ويجهو ڳوٺن مان لڏپلاڻ ڪيل ماڻهن کي پنهنجن گهرن ڏانهن واپس وڃڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب بارهمولا، بانڊي پوره ۽ ڪپواڙه ضلعن ۾ ڪنٽرول لائين ويجهو ڳوٺن جي هڪ لک 25 هزار کان وڌيڪ رهواسين کي سندن گهرن مان محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو هو. ڀارتي پوليس طرفان جاري حڪمن ۾ چيو ويو آهي، ته سرحدي ڳوٺن جا ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن واپس نه وڃن.