ٽنڊو محمد خان -12 مئي (اي پي پي) ٽنڊو محمد خان ۾ پيپلز پارٽي پاران جشن فتح ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي قيادت پيپلز پارٽي جي ايم پي اي ۽ ضلعي صدر سيد اعجاز شاھه بخاري، ايم پي اي ۽ ضلعي جنرل سيڪريٽري خرم ڪريم سومرو ڪئي، بخاري ھائوس کان پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان تائين نڪتل ريلي ۾ ڪيترن ئي جيالن ۽ شھرين شرڪت ڪئي. ريلي دوران پاڪستان زنده آباد، پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا لڳايا ويا. ان موقعي تي مقررن پنھنجي خطاب ۾ چيو ته بزدل مودي پھلگام سانحي جي آڙ ۾ سنڌ طاس معاھدو ختم ڪري پنھنجي ناپاڪ ارادن کي مڪمل ڪرڻ چاھي ٿو. بزدل ڀارت لائن آف ڪنٽرول جي ڀڃڪڙي ڪندي معصوم شھرين تي گولا باري ڪئي، پاڪستاني قوم، حڪومت ۽ فوج صبر جو مظاھرو ڪيو، پر بزدل ڀارت کي پاڪستان جو صبر پسند نه آيو، ڀارت جي مسلسل حملن جو جڏھن پاڪستاني فوج جواب ڏنو ته مودي سرڪار شڪست قبول ڪرڻ تي مجبور ٿي وئي، مقررن پاڪ فوج جي شاندار صلاحيتن ۽ ڀارت خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو. جڏهن ته پٽار ڳوٺ جي رهواسين پاڪ فوج جو ڀارت خلاف جنگ ۾ ڪامياب ٿيڻ تي خوشي ۾ ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي جنهن دوران پورو علائقو پاڪستان زنده، پاڪ فوج زنده جي نعرن سان گونجندو رهيو. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پاڪ فوج بزدل ڀارت جو غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. هنن جو چوڻ هو ته پوري دنيا پاڪ فوج جي ماهراڻين صلاحيتن تي خوش آهي. هنن پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اطهار ڪندي ملڪ ۽ قوم خاطر پنهنجون حياتيون به قربان ڪرڻ جو عزم ڪيو.