بنگلاديش جي موسميات کاتي پاران 21 ضلعن ۾ کنوڻ ڪرڻ جو الرٽ جاري

ڍاڪا -12 مئي (اي پي پي) بنگلاديش جي موسميات کاتي 21 ضلعن ۾ کنوڻ جي ڪرڻ بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب کنوڻ چمڪڻ سان گڏوگڏ تيز هوائن جي به وارننگ ڏني وئي آهي. موسميات کاتي جي بليٽن مطابق راجشاهي، ناٽور، پبنا، سراج گنج، ٽنگيل، مانڪ گنج، ڍاڪا، نرسنگدي، ڳڙهي پور، رانگه پور، ميمن سنگهه، سنام گنج، ڪشور گنج، برهمن باڙيا، مولوي بازار، حبيب گنج، سلهٽ، …

ڍاڪا -12 مئي (اي پي پي) بنگلاديش جي موسميات کاتي 21 ضلعن ۾ کنوڻ جي ڪرڻ بابت الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب کنوڻ چمڪڻ سان گڏوگڏ تيز هوائن جي به وارننگ ڏني وئي آهي. موسميات کاتي جي بليٽن مطابق راجشاهي، ناٽور، پبنا، سراج گنج، ٽنگيل، مانڪ گنج، ڍاڪا، نرسنگدي، ڳڙهي پور، رانگه پور، ميمن سنگهه، سنام گنج، ڪشور گنج، برهمن باڙيا، مولوي بازار، حبيب گنج، سلهٽ، رنگامتي ۽ بندربن جي ضلعن ۾ 45-60 ڪلوميٽر في ڪلاڪ يا ان کان وڌيڪ رفتار سان هوا ، گجگوڙ ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.