رياض-12 مئي ( اي پي پي ) سعودي عرب ۽ قازقستان سيڪورٽي سهڪار مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي . ايس پي اي موجب سعودي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف رياض ۾ وزارت جي هيڊ ڪوارٽر ۾ قازقستان جي قومي سلامتي ڪميٽي جي چيئر مين جو استقبال ڪيو . سعودي گهرو وزير چيو ته ملاٰقات سعودي قيادت جي هدايت موجب ٿي رهي آهي جنهن …
سعودي عرب ۽ قازقستان وچ ۾ سيڪورٽي سهڪار مضبوط بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
رياض-12 مئي ( اي پي پي ) سعودي عرب ۽ قازقستان سيڪورٽي سهڪار مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي . ايس پي اي موجب سعودي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود بن نائف رياض ۾ وزارت جي هيڊ ڪوارٽر ۾ قازقستان جي قومي سلامتي ڪميٽي جي چيئر مين جو استقبال ڪيو . سعودي گهرو وزير چيو ته ملاٰقات سعودي قيادت جي هدايت موجب ٿي رهي آهي جنهن جو مقصد قازقستان سان سيڪيورٽي سهڪار وڌائڻ آهي. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻن لاڳاپن تي به زور ڀريو . ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيڪيورٽي سهڪار مضبوط بنائڻ جي طريقن کانسواءِ گڏيل دلچسپي وارن معالن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.











