مڪه مڪرمه -11 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي گادي واري شهر رياض ۾ جعلي حج مهم هلائڻ جي الزام ۾ هڪ پرڏيهي عورت جڏهن ته 35 پرڏيهين کي مڪه کڻي ويندڙ هڪ پرڏيهي کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي گهرو وزارت طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته رياض ۾ هڪ مصري عورت کي حراست ۾ ورتو ويو جيڪا سوشل ميڊيا تي حج سروسز فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪري رهي هئي. جوابداره سوشل ميڊيا تي اشتهار ڏنا جنهن ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي، ته هو گهٽ قيمت تي حج سروس فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي،جنهن ۾ حج پرمٽ حاصل ڪرڻ شامل آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ٽيمن جوابداره پتو لڳائي کيس حراست ۾ وٺي ڇڏيو. گهرو وزارت جعل سازي ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪري کيس پراسيڪيوشن حوالي ڪري ڇڏيو.