حيدرآباد-11ي پي پي) متحده قومي مومنٽ” ايم ڪيو ايم“ حيدرآباد جي انتظام هيٺ پاڪ فوج جي ڪامياب آپريشن بنيان مرصوص“ تي خوشي جو اظهار ڪندي ڪوهه نور چوڪ تي مٺائي ورهائي شاندار آتش بازي جو مظاهرو ڪيو ويو . تقريب ۾ حيدرآباد دسٽرڪٽ انچارج ظفر احمد صديقي،جوائنٽ انچارجز،ڊسٽرڪٽ ڪميٽي جي ميمبرن،قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن سميت پارٽي سان واسطو رکندڙ ٻين شخصيتن ،پارٽي ڪارڪنن ۽ شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي تقرير ڪندي چيو ته ڀارتي جارحيت خلاف پاڪ فوج جنهن جرئت ۽ بهادري سان جواب ڏنو اهو فخر جوڳو آهي. آپريشن ”بنيان مرصوص “ نه صرف دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو پر قوم جو ڳاٽ پڻ اوچو ڪيو.هنن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان پاڪ فوج سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿي ۽ پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.تقريب کي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن ۾ مٺائي ورهائي وئي ۽ شاندار آتش بازي جو مظاهرو ڪيو ويو.