واشنگٽن -10 مئي (اي پي پي) آمريڪي وائيٽ هائوس جي ترجمان ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي حوالي سان چيو آهي، ته آمريڪا ٻنهي ايٽمي طاقتن جي اڳواڻن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڇڪتاڻ ۾ جلد گهٽتائي جو خواهشمند آهي. وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليويٽ پنهنجي پريس بريفنگ ۾ صحافين کي ٻڌايو ته اهو هڪ اهڙو معاملو آهي، جنهن ۾ پرڏيهي وزير ۽ هاڻي اسان جي قومي سلامتي جو صلاحڪار مارڪو روبيو به تمام گهڻو سرگرم آهي، صدر ٽرمپ واضح طور چيو آهي، ته هو چاهي ٿو ته اها ڇڪتاڻ جلد کان جلد ختم ٿئي. وائيٽ هائوس جي ترجمان چيو ته ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن سان سندس سٺا لاڳاپا آهن. پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ته جيئن ان تڪرار جو خاتمو ٿي سگهي.