واشنگٽن-08 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان ۽ ڀارت کي جنگ بند ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته هو امن معاهدي ۾ ٻنهي ملڪن جي مدد لاءِ تيار آهي. هن گذريل ڏينهن وائيٽ هائوس ۾ چيو ته هي تمام خوفناڪ آهي، مان ٻنهي سان ملان ٿو، ٻنهي کي سٺي طرح ڄاڻان ٿو ۽ مان کين ڪم ڪندي ڏسڻ چاهيان ٿو، مان کين ڇڪتاڻ کي روڪيندي ڏسڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته مان ٻنهي کي سٺي طرح سڃاڻان ٿو ۽ مان کين ڪم ڪندي ڏسڻ چاهيان ٿو ۽ اميد آهي ته اهي هاڻ روڪجي ويندا. آمريڪي صدر چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت هڪٻئي کي جواب ڏئي ڇڏيو آهي ان لاءِ اميد آهي ته هاڻي هو ڇڪتاڻ کي روڪي سگهن ٿا پر مان ٻنهي کي ڄاڻان ٿو، اسان ٻنهي ملڪن سان تمام سٺي طريقي سان هلون ٿا، ٻنهي سان سٺا لاڳاپا آهن ۽ مان ڇڪتاڻ روڪيندي ڏسڻ چاهيان ٿو ۽ جيڪڏهن مان مدد ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪري سگهان ٿو ته مان ڪندس.