ماسڪو-08 مئي (اي پي پي) چين جو صدر شي جن پنگ سرڪاري دوري تي روس جي گادي واري شهر ماسڪو پهچي ويو، پنهنجي دوري دوران چيني صدر سوويت يونين جي فتح جي 80 هين سالگرهه جي تقريبن ۾ به شرڪت ڪندو. شي جن پنگ جو خاص جهاز روسي فضائي حدن ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ روسي فضائيه جي جنگي جهازن ان کي حفاظت ۾ وٺي ڇڏيو، هوائي اڏي تي چيني صدر لاءِ آجياڻي واري شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. شي جن پنگ پنهنجي خطاب ۾ چيني حڪومت ۽ عوام طرفان روسي حڪومت ۽ عوام لاءِ مبارڪن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. شي جن پنگ ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته چين ۽ روس سٺا پاڙيسري آهن، جن کي ڌار نٿو ڪري سگهجي. سچا دوست آهن جيڪي خوشي ۽ ڏک ۾ شريڪ آهن ۽ سٺا حصيدار آهن جيڪي گڏيل ڪاميابيون حاصل ڪندا آهن. ٻنهي ڌرين سٺن پاڙيسري ملڪن لاءِ هڪ ٻئي سان گڏ رهڻ لاءِ ڪاميابي سان هڪ صحيح رستو ڳوليو آهي ۽ نئين دور ۾ چين روس اسٽريٽجڪ سهڪار جي جذبي کي جنم ڏنو آهي، چين ۽ روس جي لاڳاپن نه رڳو ٻنهي ملڪن جي عوام کي زبردست فائدو پهچايو آهي پر عالمي اسٽريٽجڪ استحڪام کي برقرار رکڻ ۽ هڪ منظم گهڻ رخي دنيا کي هٿي ڏيڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.