نيويارڪ-07 مئي (اي پي پي) پاڪستاني ڄاون آمريڪي سياسي گروپ آمريڪن پاڪستان پبلڪ افيئرز ڪميٽي (اي پي پي اي سي) پاڪستان تي ڀارت جي حملن جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ آمريڪا ۽ عالمي برادري تي زور ڀريو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ امن کي هٿي ڏيڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. آمريڪن پاڪستان پبلڪ افيئرز ڪميٽي (اي پي پي اي سي) گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو آهي ته هي عمل علائقائي استحڪام لاءِ سنگين خطرو آهي ۽ عالمي اصولن ۽ پاڪستان جي خودمختياري جي سڌي ريت خلاف ورزي آهي. ڪميٽي معصوم حياتين جي نقصان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. گروپ ٻن ايٽمي هٿيارن سان ليس رياستن وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي به خيالن جو اظهار ڪندي ٽرمپ انتظاميه، ڪانگريس جي ميمبرن ۽ وسيع تر عالمي برادري تي زور ڀريو ويو ته اهي وڌيڪ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۽ ڀارت کي جوابده بڻائڻ لاءِ فوري طور تي سمورا قدم کڻن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو ۽ ان کي عالمي قانونن ۽ اصولن جي ڪا به پرواهه ناهي. ڪميٽي سڄي دنيا جهڙوڪ ڪينيڊا، برطانيه ۽ پاڪستان ۾ ڀارتي انٽليجنس ايجنسي ”را“ جي ٽارگيٽڊ قتل کي اجاگر ڪندي چيو ته ڀارت آمريڪا ۾ پنهنجي شهرين کي قتل ڪرڻ جي سازش ۾ ملوث آهي ۽ انصاف واري کاتي ان جي عهديدارن تي الزام لڳايو آهي. ڪميٽي وڌيڪ چيو ته ڀارت پاڪستان کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ افغانستان ۾ دهشتگرد تنظيمن جي حمايت ڪئي آهي ۽ هاڻي هي سلسلو ختم ٿيڻ گهرجي. اي پي پي اي سي جي صدر ڊاڪٽر پرويز اقبال چيو ته هي حملو رڳو پاڪستان تي ناهي پر هي ڏکڻ ايشيا ۾ امن تي حملو آهي. اي پي پي اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر اعجاز احمد چيو ته آمريڪا کي دانشمندي ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ وڌيڪ استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ ٻنهي ملڪن کي تعميري ڳالهين ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.