ابوظهبي-07 مئي (اي پي پي)گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زايد النهيان ڀارت ۽ پاڪستان کي تحمل سان ڪم وٺڻ ۽ جاري ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جو چيو آهي. گڏيل عرب امارتن جي خابرو اداري مطابق شيخ عبدالله بن زايد النهيان ڏکڻ ايشيا ۾ تازي ڇڪتاڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي ڀارت ۽ پاڪستان تي زور ڀريو آهي ته هو تحمل، دانشمندي ۽ ذميداريءَ جو مظاهرو ڪن ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪن جيڪي علائقائي يا عالمي امن لاءِ خطري جو سبب بڻجي سگهن ٿا. هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته موجوده صورتحال ۾ ٻنهي ملڪن کي انهن آوازن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي جيڪي سنجيده بحث ۽ گڏيل مفاهمت جي حمايت ڪري رهيا آهن. هن مطابق هي وقت تڪرار نه مفاهمت جو آهي ته جيئن خطي ۾ ڪنهن به امڪاني عسڪري ڇڪتاڻ کي روڪي سگهجي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار استحڪام کي هٿي وٺرائي سگهجي. هن واضح ڪيو ته سفارتڪاري ۽ ڳالهيون ئي اهڙن بحرانن جي پُرامن حل جو اثرائتو ذريعو آهن ۽ اهوئي رستو قومن کي امن، استحڪام ۽ ترقيءَ جي گڏيل هدفن طرف وٺي ويندو آهي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته گڏيل عرب امارات، پنهنجي روايتي غير جانبداراڻي پرڏيهي پاليسيءَ تحت نه صرف علائقائي ۽ عالمي تڪرارن جي پُرامن حل جي ڪوششن جي حمايت جاري رکندو پر انهن جي انساني اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ به ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.