واشنگٽن -07 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستاني شهرين ۽ آزاد ڪشمير جي حصي تي ڀارت جي ميزائيل حملن کي شرمناڪ قرار ڏيندي اميد ظاهر ڪئي آهي، ته ڀارتي ڪارروائي جلد ختم ٿي ويندي. صدر ٽرمپ اڱاري جي شام تي ڪيل حملن جي ردعمل جو اظهار ڪندي وائيٽ هائوس ۾ صحافين کي ٻڌايو ته هي هڪ شرم جي ڳالهه آهي ته اسان اهو ان وقت ٻڌو جڏهن اسان اوول آفيس جي دروازن وٽان گذري رهيا هئاسين. هن ٻن ايٽمي حريفن بابت چيو ته ”هو هڪ ڊگهي عرصي کان وڙهي رهيا آهن“ مون کي اميد آهي ته هو تمام جلد پنهنجي تڪرار کي ختم ڪندا. ان کان اڳ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊ ڪوارٽرز ۾ گڏيل قومن جي ترجمان چيو ته سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس لائين آف ڪنٽرول ۽ عالمي سرحد جي ٻئي پاسي هندستاني فوجي ڪارروائين تي گهڻو فڪرمند آهي. ترجمان اسٽيفن ڊوجارڪ هڪ مختصر بيان ۾ چيو ته هو ٻنهي ملڪن کان وڌ ۾ وڌ فوجي ضبط ۽ تحمل جو مطالبو ڪري ٿو.