ڪولمبو _ 7 مئي (اي پي پي) سريلنڪا ۽ ڏکڻ آفريقا جي عورتاڻين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز جو ڇهون ميچ 9 مئي تي کيڏيو ويندو. اهو ميچ آرپريما داسا اسٽيڊيم، ڪولمبو ۾کيڏيو ويندو ۽ صبح 9 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندو. ٽه ملڪي سيريز ۾ اڃان تائين کيڏيل ميچن ۾ ڀارت ۽ ميزبان سريلنڪا جون ويمنز ٽيمون 4، 4 پوائنٽس سان گڏ ترتيب وار ٻي نمبر …
سريلنڪا ۽ ڏکڻ آفريقا جي عورتاڻين ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز جو ڇهون ۽ آخري ميچ 9 مئي تي کيڏيو ويندو

مزید خبریں
ڪولمبو _ 7 مئي (اي پي پي) سريلنڪا ۽ ڏکڻ آفريقا جي عورتاڻين ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز جو ڇهون ميچ 9 مئي تي کيڏيو ويندو. اهو ميچ آرپريما داسا اسٽيڊيم، ڪولمبو ۾کيڏيو ويندو ۽ صبح 9 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندو. ٽه ملڪي سيريز ۾ اڃان تائين کيڏيل ميچن ۾ ڀارت ۽ ميزبان سريلنڪا جون ويمنز ٽيمون 4، 4 پوائنٽس سان گڏ ترتيب وار ٻي نمبر تي آهن. ٻئي ٽيمون ٽن ، ٽن ميچن مان 2 ، 2 ميچون کٽي چڪيون آهن. جڏهن ته ڏکڻ آفريقا جي ٽيم 2 ميچ کيڏيا آهن ۽ ٻنهي ۾ کيس شڪست ٿي آهي. ٽه ملڪي سيريز جو ڇهون ۽ آخري ميچ سريلنڪا ۽ ڏکڻ آفريقا جي عورتاڻي ٽيمن وچ ۾ 9 مئي تي آرپريماداسا اسٽيڊيم، ڪولمبو ۾ کيڏيو ويندو. ٽه ملڪي سيريز جو فائنل ميچ 11 مئي تي کيڏيو ويندو. ٽه ملڪي سيريز ۾ هر ٽيم هڪ ٻئي خلاف چار، چار ميچ کيڏندي، جنهن ۾ پهرين نمبر تي 2 ٽيمون فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪنديون. ٽه ملڪي سيريز جي فائنل سميت سموريون ميچون آرپريما داسا اسٽيڊيم، ڪولمبو ۾ کيڏيُون وينديُون ۽ صبح 9 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿينديُون.











