بيجنگ _ 7 مئي (اي پي پي ) چين پاڪستان ۾ هدفن تي ڀارتي فوجي حملن جي مذمت ڪندي ٻنهن ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هو ڇڪتاڻ ۾ اضافي جو سبب بڻجندڙ قدمن کان پاسو ڪن. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان ۾ ڀارت طرفان پاڪستان ۾ هدفن تي فوجي حملن جي مذمت ڪندي ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي . بيان ۾ …
چين پاران پاڪستان تي ڀارتي فوجي حملي جي مذمت، ٻئي ملڪ تحمل جو مظاهرو ڪن: ترجمان

مزید خبریں
بيجنگ _ 7 مئي (اي پي پي ) چين پاڪستان ۾ هدفن تي ڀارتي فوجي حملن جي مذمت ڪندي ٻنهن ملڪن تي زور ڀريو آهي ته هو ڇڪتاڻ ۾ اضافي جو سبب بڻجندڙ قدمن کان پاسو ڪن. پرڏيهي ميڊيا مطابق چين جي پرڏيهي وزارت طرفان جاري بيان ۾ ڀارت طرفان پاڪستان ۾ هدفن تي فوجي حملن جي مذمت ڪندي ان تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو آهي . بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي ملڪ تحمل جو مظاهرو ڪن ۽ اهڙن قدمن کان پاسو ڪن جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو ٿئي. چيني پرڏيهي وزارت وڌيڪ چيو ته ڀارت ۽ پاڪستان هڪ ٻئي جا پاڙيسري ملڪ آهن ۽ هميشه رهندا ۽ ٻئي چين جا پاڙيسري به آهن . وزارت چيو ته چين هر قسم جي دهشتگردي جي مخالفت ڪري ٿو . چين ٻنهي ڌرين تي زور ڏنو ته هو امن ۽ استحڪام جي وسيع مفاد لاءِ ڪم ڪن .











