پيرس _ 7 مئي (اي پي پي) يوئيفا چيمپئنز 25-2024ع جي سيمي فائنل رائونڊ ۾ خميس ڏينهن تي هڪ ميچ کيڏيو ويندو جيڪو سيمي فائنل ميچ رائونڊ جو سيڪنڊ ليگ ميچ هوندو، جنهن ۾ پيرس سينٽ جرمين ۽ آرسنل جون فٽ بال ٽيمون مقابلو ڪنديون. اهو ميچ فرانس جي گادي واري شهر پيرس جي پارڪ ڊيس پرنسز ۾ کيڏيو ويندو. يوئيفا چيمپئنز ليگ پنهنجي آخري مرحلي طرف گامزن آهي جنهن ۾ فٽ بال جي مداحن کي سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن.