رياض – 06 مئي(اي پي پي) سعودي عرب ۾ مشاعر مقدسه جي ترقياتي معاملن بابت ذميوار ڪمپني ڪدانه منيٰ ۾ پنڌ ھلڻ وارن رستن تي 500 کان وڌيڪ پاڻي وارا پنکا لڳائي ڇڏيا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق مڪي شريف جي رائل ڪميشن ۽ مشاعر مقدسه طرفان ھلندڙ سال مشاعر مقدسه ۾ ترقياتي معاملن بابت ڪمپني حج دوران حج پانڌيئڙن کي گرمي جي تپش کان محفوظ رکڻ لاءِ خاص انتظام ڪيا آھن، ڪدانه ڪمپني کي ترقياتي معاملن جي انجام جي ذميواري ڏني وئي آھي. ڪمپني طرفان مقرر منصوبي تحت منيٰ ۾ 35 ھزار چورس ميٽرن جي ايراضي کي ٿڌو رکڻ لاءِ خاص انتظامن تحت پنکا لڳايا ويا آھن، ترقياتي معاملن تحت پنڌ ھلڻ وارن رستن تي حج پانڌيئڙن کي سھولت ۽ کين سج جي تپش کان محفوظ رکڻ لاءِ سائبان به لڳايا ويا آھن.