ماسڪو_ 6 مئي (اي پي پي) روس چيو آهي ته آمريڪي ۽ روس جي صدرن وچ ۾ ملاقات ضروري آهي پر صدر ولاديمير پيوٽن جو مئي مهيني ۾ سعودي عرب جو ڪو دورو طئي ناهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه روس جي صدارتي آفيس (ڪريملن) جي ترجمان دمتري پيسڪوف هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روس جي هم منصب ولاديمير پيوٽن وچ ۾ سعودي عرب ۾ ٿيندڙ امڪاني ملاقات ضروري آهي پر روس جي صدر جو وچ اوڀر جو ڪو دورو مئي جي وچ ۾ طئي ناهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق صدر ڊونلڊ ٽرمپ هلندڙ مهيني سعودي عرب جي دوري دوران روس جي صدر سان ملاقات تي غور ڪري سگهي ٿو . ان بابت تبصرو ڪندي دمتري پيسڪوف چيو ته ڪريملن جي سربراهه جو اتي ڪو دورو طئي ناهي پر اهڙي ملاقات بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن.