ويٽي ڪن – 6 مئي(اي پي پي) مسيحي برادري جي اڳوڻي روحاني پيشوا پوپ فرانسس جي آخري وصيت هڪ انساني همدردي تي ٻڌل پيغام واري آهي جيڪا خاص طور تي غزه جي ٻارن بابت هئي. پرڏيهي ميڊيا مطابق پوپ فرانسس پنهنجي وصيت ۾ چيو آهي ته ” پوپ موبائل “ جي نالي سان مشهور اها گاڏي جيڪا هن 2014ع ۾ بيت اللحم جي دوري دوران استعمال ڪئي هئي ان کي غزه جي ٻارن جي علاج لاءِ هڪ موبائل ميڊيڪل ڪلينڪ ۾ تبديل ڪيو وڃي . اها خبر ويٽي ڪن جي سرڪاري نيوز پورٽل ” دي ويٽي ڪن نيوز “ ڏني آهي . ان منصوبي تحت گاڏي کي ان انداز ۾ ٻيهر تيار ڪيو ويندو ته اها هڪ هلندڙ ڦرندڙ ميڊيڪل سينٽر بڻجي وڃي جتي ٻارن جو طبي معائنو، علاج، ويڪسينيشن ۽ فوري ٽيسٽون ڪرڻ جي سهولت موجود هجي. اها گاڏي خاص طور تي انهن علائقن ڏانهن موڪلي ويندي جتي صحت جي سهولت موجود ئي ناهي.