تهران – 6 مئي (اي پي پي ) ايران چيو آهي ته آمريڪا سان اڻ سڌيءَ ريت ڳالهين جو فيصلو ڪرڻ اڃان وقت کان اڳ آهي، حتمي جائزو جاري ڪرڻ کان پهريان تحمل ۽ اڳڀرائي تي نظر رکڻ ضروري آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ايران جي سپريم ليڊر آيت الله سيد علي خامنه اي جي مشير ۽ نظام جي مصلحت تشخيص ڪائونسل جي ميمبر علي لاريجاني هڪ بيان ۾ چئي. هن چيو ته آمريڪا سان اڻ سڌيءَ ريت ڳالهين جي رستي جو فيصلو ڪرڻ اڃان وقت کان اڳ آهي. ايراني ويب سائيٽ ” جماران “ مطابق هن اهو به چيو ته ڪو حتمي جائزو جاري ڪرڻ کان پهريان تحمل ۽ اڳڀرائي تي نظر رکڻ ضروري آهي.