نئين دهلي -06 مئي (اي پي پي) ڀارتي رياست اولهه بنگال جي وزيراعليٰ ممتا بنرجي فرقيواريت پکيڙڻ تي مودي حڪومتي تي تنقيد ڪئي آهي ۽ پنهنجي ناپاڪ سياست کان پري رهڻ تي زور ڀريو آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب اپريل ۾ فرقيواراڻن فسادن سبب متاثر ضلع مرشد آباد جي دوري دوران ممتا بنرجي چيو ته بي جي پي تشدد جي ذميوارن جو تحفظ ڪري رهي آهي. هن چيو ته کيس متاثر خاندانن سان ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي. هن سوال ڪيو ته بي ايس ايف اهلڪارن ماڻهن تي گوليون هلايون؟ جيڪڏهن بي ايس ايف گوليون نه هلائي ها ته ايندڙ ڏينهن ۾ اهو واقعو نه ڀڙڪي ها، هن چيو ته جيڪي ماڻهو فسادن کي هوا ڏئي رهيا آهن اهي بنگال جا دشمن آهن.