سرينگر -06 مئي (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ پيپلز ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي سربراهه محبوبه مفتي ڀارتي حڪومت تي زور ڀريو آهي ته پهلگام فالس فليگ آپريشن کان پوءِ والاريل علائقي ۾ بي گناهه ڪشميرين جي گرفتارين ۽ کين هراسان ڪرڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب محبوبه مفتي پهلگام جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڀارتي فوج ۽ پوليس طرفان ڪشميري نوجوانن کي پوليس اسٽيشنن ۽ آرمي ڪيمپن ۾ پڇا ڳاڇا لاءِ گهرائڻ روز جو معاملو بڻجي ويو آهي. هن چيو ته 22 اپريل تي پهلگام واقعي کان پوءِ ڪشميرين کي سخت ڏکيائيون درپيش آهن ڇاڪاڻ ته ڀارتي فورسز والاريل علائقي ۾ ڇاپن، ڪشميرين جي گرفتارين ۽ پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري رکيو آهي. هن چيو ته مون کي ماڻهن ۾ ڊپ محسوس ٿيو جيڪو هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي.