گڏيل قومون – 5 مئي(اي پي پي) ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو بند ڪمري ۾ مشاورتي اجلاس سومر تي منجهند جو ٿيو. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن مان جاري بيان ۾ مشاورتي اجلاس منعقد ڪرڻ جي درخواست پاڪستان ڪئي آهي ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد مشاورتي اجلاس جي پڄاڻي تي بيان جاري ڪيو. پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ 22 اپريل تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ ٿيل حملي بعد وڌي وئي هئي جنهن ۾ 26 ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ ڀارت ڪنهن به ثبوت کانسواءِ ان حملي جو الزام پاڪستان تي لڳايو هو. پاڪستان واضع طور تي ان الزام کي رد ڪندي غير جانبداراڻي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. ڇڪتاڻ ان وقت وڌي وئي جڏهن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي فوجي سربراهن کي تڪراري علائقي ڪشمير ۾ حملي جو جواب ڏيڻ لاءِ ” آپريشنل آزادي “ ڏئي ڇڏي. پاڪستان خبردار ڪيو آهي ته ڀارت طرفان ڪنهن به اڳڀرائي جو فوري جواب ڏنو ويندو.