واشنگٽن _ 5 مئي (اي پي پي ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واپار واري کاتي ۽ آمريڪي واپاري نمائندي جي آفيس کي آمريڪا کان ٻاهر ٺهندڙ فلمن تي 100 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن گذريل ڏينهن پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي پوسٽ ۾ چيو ته هن واپار واري کاتي ۽ آمريڪي واپار واري نمائندي جي آفيس کي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ته پرڏيهه ۾ فلمون ٺاهيندڙن تي 100 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪئي وڃي. هن چيو ته آمريڪا ۾ فلمي صنعت تيزي سان ختم ٿي رهي آهي .هن شڪايت ڪندي چيو ته ٻيا ملڪ فلم سازن ۽ اسٽوڊيوز کي آمريڪا کان پري وڃڻ لاءِ هر قسم جون مراعتون ڏئي رهيا آهن . اها ٻين ملڪن طرفان منظم ڪوشش آهي ۽ ان سان آمريڪا جي قومي سلامتي کي خطرو آهي . آمريڪي صدر گذريل رات فلوريڊا ۾ ويڪ اينڊ گذارڻ بعد وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٻيا ملڪ آمريڪا کان فلم سازي جون صلاحيتون چوري ڪري رهيا آهن . جيڪڏهن هو آمريڪا جي اندر فلم ٺاهڻ لاءِ تيار ناهن ته اسان کي فلمن تي ٽيڪس لڳائڻ گهرجي جيڪي ٻاهر کان ايندا آهن . اهو فوري طورتي واضع ناهي ٿي سگهيو ته عالمي پراڊڪشن تي ان قسم جو ٽيڪس لاڳو ڪري سگهبو.