رياض-05 مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سعودي عرب جي دوري دوران نار وارن ملڪن جي سربراهن سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي ميڊيا سعودي حڪومت جي ذريعن معرفت ٻڌايو آهي ته آمريڪي صدر جي انهن ملاقاتن ۾ امڪاني طور تي نار وارن ڇهن ملڪن جا سربراهه شرڪت ڪندا. آمريڪي صدر جو اهو دورو مئي جي ٻي هفتي ۾ 13 تاريخ کان شروع ٿيندو ۽ 16 مئي تائين جاري رهندو. ڊونلڊ ٽرمپ جو پنهنجي ٻي صدارتي مدي دوران سعودي عرب ۽ نار وارن ملڪن جو اهو پهريون دورو هوندو . ان کانسواءِ سندس صدر طور ڊسمبر جي مهيني کان هيستائين پهريون باقاعده پرڏيهي دورو به هوندو .