رياض -04 مئي (اي پي پي) سعودي عرب ۾ غيرقانوني پناهگيرن خلاف ڪم ڪندڙ ڪميٽي هڪ هفتي دوران اقامي، ليبر ۽ سرحدي قانونن جي ڀڃڪڙي تي وڌيڪ 17153 غيرقانوني پناهگيرن کي گرفتار ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب غيرقانوني پناهگيرن خلاف ڪارروائيون ڪندڙ ڪميٽي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي، ته گذريل هڪ هفتي دوران گرفتار ڪيل غيرقانوني پناهگيرن مان 11900 کي اقامي واري قانون 3664 کي سرحدي امن قانون ۽ 3204 پناهگيرن کي محنت واري قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ دراندازي جي ڪوشش ڪندڙ 1109 ماڻهن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي.سعودي عرب جي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته جيڪو به شخص غيرقانوني پناهگيرن کي سعودي عرب ۾ داخل ٿيڻ لاءِ سهولت فراهم ڪندو ان کي پڻ 15 سال قيد ۽ 10 لک ريال ڏنڊ تائين جي سزا ملندي.