حيدرآباد-20 مئي(اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن ۾ سنڌ پيپلز هائوسنگ پروگرام تحت، سڄي صوبي ۾ 20 لک کان وڌيڪ خاندانن کي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏئي رهي آهي. ان سلسلي ۾ بلاول ڀٽو زرداري ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ واگهريجي جي ڪولهي پاڙي ۾ غلام مصطفيٰ لغاري ۽ شجاع آباد تعلقي جي ڳوٺ کنڀڙي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ پروگرام تحت تعمير ٿيل گهرن جا مالڪاڻا سرٽيفڪيٽ ورهايا. جاري ڪيل پڌرائي موجب ان موقعي تي سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار، ايم اين اي مير منور ٽالپر، سنڌ جي وڏي وزير جو صلاحڪار جنيد بلند، ايم پي اي حاجي نور احمد ڀرڳڙي، سهيل انور سيال، ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين مير انور ٽالپر، ڊويزنل ڪمشنر ميرپور خاص فيصل احمد عقيلي ، ڊپٽي ڪمشنر ميرپور خاص ڊاڪٽر رشيد مسعود خان، ڊي آءِ جي پوليس زبير، ايس ايس پي ميرپور خاص ڊاڪٽر سمير نور چنا ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر ساڻس گڏ هئا. تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن لاءِ پيپلز هائوسنگ پروگرام تحت، سڄي سنڌ ۾ 20 لک کان وڌيڪ خاندانن کي گهرن جا مالڪاڻا حق ڏنا پيا وڃن. هن منصوبي تحت، ٻوڏ متاثرن لاءِ گهر ٺاهيا پيا وڃن. جيڪو دنيا جو سڀ کان وڏو رهائشي منصوبو آهي. هن منصوبي جو مقصد غريب خاندانن کي معاشي طور تي مضبوط ڪرڻ آهي. هن منصوبي تحت، غريب خاندانن کي ٺهيل گهرن جا مالڪاڻا حق ڏنا پيا وڃن ته جيئن اهي انهن کي پنهنجي نسلن تائين منتقل ڪري سگهن.