ڇاتي جي ڪينسر کان متاثر عورتن کي علاج دوران جذباتي، سماجي ۽ خانداني مدد فراهم ڪرڻ ضروري آهي: آصف علي زرداري

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته ڇاتي جي ڪينسر کان متاثر عورتن کي علاج دوران جذباتي، سماجي ۽ خانداني مدد فراهم ڪرڻ ضروري آهي، عورتن کي پنهنجي صحت کي ترجيح ڏيڻ ۽ بيماري بابت خدشن تي بنا جهجهڪ جي طبي مشورو وٺڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه ڇاتي جي ڪينسر کان آگاهي واري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ …

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي، ته ڇاتي جي ڪينسر کان متاثر عورتن کي علاج دوران جذباتي، سماجي ۽ خانداني مدد فراهم ڪرڻ ضروري آهي، عورتن کي پنهنجي صحت کي ترجيح ڏيڻ ۽ بيماري بابت خدشن تي بنا جهجهڪ جي طبي مشورو وٺڻ جي ترغيب ڏيڻ گهرجي. هن اها ڳالهه ڇاتي جي ڪينسر کان آگاهي واري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي، جيڪو اڄ 19 آڪٽوبر تي ملهايو پيو وڃي. صدر هن مرض کان متاثر سمورن ماڻهن خاص ڪري عورتن ۽ انهن جي ڪٽنبن، سار سنڀال ڪندڙن ۽ مدد فراهم ڪندڙ طبي ماهرن الءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته  پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جو ڪينسر هزارين خاندانن کي متاثر ڪري ٿو، ان جا اثر صرف هڪ ماڻهو تائين محدود نٿا رهن، پر مائرن، ڌيئرن، ڀينرن ۽ زال سميت خاندانن کي جذباتي ۽ سماجي دٻاءَ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ان لاءِ بيماري بابت وسيع آگاهي، وقت سر طبي توجهه ۽ متاثر ماڻهن جي مدد اڻٽر آهي. هن چيو ته هي ڏينهن عورتن کي پنهنجي صحت تي توجهه ڏيڻ ۽ جسم ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي يا ڳڻتي جي صورت ۾ فوري مناسب طبي مشورو حاصل ڪرڻ جي اهميت ياد ڏيارڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. آگاهي ۾ واڌ سان عورتون پنهنجي صحت جي باري ۾ بهتر ۽ باخبر فيصلا ڪري سگهن ٿيون. ۽ کين وقت سر طبي ماهرن سان رابطو ڪرڻ جي ترغيب ملي سگهي ٿي. صدر آصف علي زرداري چيو ته خاندان ۽ معاشرو به ان حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. عورتون پنهنجي صحت بابت خدشا کُلي بيان ڪرڻ، دٻاءَ ۽ بي خوف هٻڪ، علاج حاصل ڪرڻ جي صلاحيت حامل هئڻ گهرجي. ڪٽنب کي به سوچي سمجهي ۽ ڪينسر بابت معاونت بابت خوف ۽ غلط معلومات ۽ خاموشي کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته اسان کي ڪينسر جي خطرن تي اثر انداز ٿيندڙ سببن بابت وسيع تر آگاهي کي هٿي ڏئي صحتمند طرز زندگي جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. تعليمي ادارا، ڪم وارن هنڌن، سماجي تنظيمن، ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ طبي ماهرن کي گهرجي ته سڄي ملڪ ۾ عورتن ۽ خاندانن تائين درست معلومات پهچائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. صدر مملڪت چيو ته ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا ۽ علاج مڪمل ڪندڙ عورتن سان همدردي ۽ تعاون جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي، کين بيماري جي پوري سفر دوران انهن کي گهربل جذباتي، سماجي ۽ خانداني مدد حاصل ڪندو رهڻ گهرجي. ان مرض جي چئلينجز کي منهن ڏيندڙ عورتن جي همت  اسان جي احترام ۽ سوچ ويچار جا مستحق آهن. هن ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي ۽ متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ خدمتون انجام ڏيندڙ طبي ماهرن، رضاڪارن، مريضن جي فلاحي تنظيمن، محققن ۽ سماجي ڪارڪنن جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته انهن جون خدمتون عوامي شعور اجاگر ڪرڻ ۽ عورتن ۽ خاندانن جي مدد لاءِ اهم آهن. صدر مملڪت ان عزم جو اظهار ڪيو ته ڇاتي جي ڪينسر کان آگاهي جي ڏينهن اسان کي اهڙي معاشري جي قيام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي جتي عورتون پنهنجي صحت کي ترجيح ڏين، خاندان ساڻن گڏ بيهي ۽ ان مرض کان متاثر هر ماڻهو کي گهربل پرگهور ۽ مدد ميسر هجي.

مزید خبریں