ڇاتي جو ڪينسر موذي مرض آهي، حڪومت قوم جي ڌيئرن جي صحت جي تحفظ ۽ طبي سهولتن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان اڄ عالمي برادري سان گڏجي عورتن کي درپيش  صحت جي سنگين مسئلن خاص ڪري ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي تي ڀرپور آواز اٿاري ٿو، حڪومت عام صحت، سماجي تحفظ جي پروگرامن ۽ نجي تنظيمن ذريعي ڇاتي جي ڪينسر جي اسڪريننگ تائين رسائي وڌائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صحت جي ادارن ۽ لاڳاپيل ڀائيوارن  وچ …

اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته پاڪستان اڄ عالمي برادري سان گڏجي عورتن کي درپيش  صحت جي سنگين مسئلن خاص ڪري ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي تي ڀرپور آواز اٿاري ٿو، حڪومت عام صحت، سماجي تحفظ جي پروگرامن ۽ نجي تنظيمن ذريعي ڇاتي جي ڪينسر جي اسڪريننگ تائين رسائي وڌائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، صحت جي ادارن ۽ لاڳاپيل ڀائيوارن  وچ ۾ رابطن ۽ تعاون کي به وڌيڪ مضبوط بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مطابق اها ڳالهه وزيراعظم محمد شهباز شريف ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي واري عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي، جيڪو 19 آڪٽوبر 2026ع تي ملهايو پيو وڃي، وزيراعظم چيو ته ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي، سڃاڻپ، وقت سر علاج ۽ سار سنڀال اهڙا سنجيده مسئلا آهن جن تي پنهنجي ڌيئرن، مائرن ۽ ڀينرن جي صحت ۽ زندگي جي قدر ڪندڙ هر قوم ڳڻتي ۾ ورتل آهي. وزيراعظم چيو ته ڇاتي واري ڪينسر جي آگاهي بابت عملي قدمن تحت سڄي ملڪ ۾ شروعاتي سڃاڻپ، وقت سر طبي جاچ، معياري علاج ۽ علاج جي تسلسل کي يقيني بڻائڻ لاءِ موثر لائحه مرتب ڪيو يو آهي، حڪومت، صوبائي حڪومتون ۽ مقامي سطح تي لاڳاپيل ادارن جي مدد سان ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۽ مقامي سطح تي بنيادي صحت جي سهولتن سميت ڪينسر جي خاص علاج جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪوششن ۾ آهن.  وزيراعظم چيو ته عورتن کي گهربل طبي خدمتن جي بنادير فراهمي ۾ سماجي آگاهي، مناسب حالتون ۽ آساني سان رسائي اهم ڪردار آهي. خاص ڪري ٻهراڙي ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ صحت جي سهولتن تائين پهچ محدود ٿيندي ئي ان لاءِ اتي رهندڙ عورتون خاص ڌيان جون مستحق آهن. وزيراعظم چيو ته حڪومت جو پختو عزم آهي ته ڪا به پاڪستاني نياڻي علائقي يا مالي سگهه سبب وقت سر ۽ معياري علاج کان رهجي نه وڃي. وزيراعظم چيو ته ڏورانهن علائقن ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز  جي اڻٿڪ محنت ۽ پرخلوص خدمتون عورتن کي طبي سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ اهم حيثيت رکن ٿيون، ليڊي هيلٿ ورڪرز جون خدمتون تحسين جون مستحق آهن. هن چيو ته ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي جي سلسلي ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي نصاب ۽ تربيت ۾ ذاتي معائنو، علامتن جي سڃاڻپ، وقت سر طبي مشوره وٺڻ ۽ طبي مرڪزن سان رابطو ڪرڻ جو شعور اجاگر ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي، وزيراعظم چيو ته شهري ۽ ٻهراڙي بنيادي مرڪزن ۾ طبي عملي ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي شروعاتي سڃاڻپ جي صلاحيت وڌائڻ لاءِ خصوصي تربيت ڏني پئي وڃي. پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) ۾ قائم اسڪريننگ مرڪز مفت دوائن، چڪاس ۽ شڪي مريضن کي وقت سر وڌيڪ طبي علاج لاءِ لاڳاپيل ماڻهن تائين پهچائڻ جي خدمت فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت عام ماڻهو جي صحت، سماجي تحفظ ۽ پروگرامز ۽ نجي تنظيمن ذريعي به ڇاتي جي ڪينسر جي اسڪريننگ تائين رسائي وڌائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. جڏهن ته صحت جي ادارن ۽ لاڳاپيل ڀائيوارن وچ ۾ رابطي ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو پيووڃي. وزيراعظم چيو ته ڇاتي جي ڪينسر اهڙو موذي مرض آهي، جيڪو مريضن ۽ سندن ڪٽنبن جي سماجي ۽ نفسياتي زندگي تي گهرا اثر ڇڏي ٿي، هن مرض سان وڙهڻ ۾ مناسب حالتن، همدرداڻو رويو ۽ مريضن جون ضرورتون ۽ ترجيحون حڪمت عملي جو بنيادي حصو آهن.  وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي هر نياڻي جي نالي منهنجو پيغام آهي ته اوهان جي صحت پوري قوم لاءِ اهميت رکي ٿي، پنهنجي صحت جي حوالي سان ڪنهن به ڳڻتي واري صورت ۾ بنا دير طبي رهنمائي حاصل ڪيو. صحتمند، خوشحال مائرون، صحتمند ۽ شاندار مستقبل جون ضامن آهن. اڄ خاندان، معاشرتي ڌرين، ميڊيا، مذهبي ڳواڻ، تعليمي ادارا، سول سوسائٽي ۽ طبي ماهرن کي اپيل ڪيان ٿو ته هو ڇاتي جي ڪينسر بابت خاموش ۽ هٻڪ جي خاتمي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ عورتن کي وقت سر طبي معائني ۽ علاج ڪرائڻ جي ترغيب ڏين. وزيراعظم چيو ته اچو هن ڳالهه کي يقيني بڻايون ته آگاهي جو پيغام هر گهر تائين پهچي ۽ عورتن کي اهڙو علم، اعتماد ۽حوصلو فراهم ٿئي ته هو بنا ڪنهن خوف ۽ جهجهڪ جي يا سماجي روين جي امڪان کان سواءِ طبي مدد حاصل ڪري سگهن. هي ان قوم جي نياڻي سان منهنجي حڪومت جو واعدو آهي ته اسان سندن صحت جي تحفظ، طبي سهولتن تائين رسائي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سمورا امڪاني قدم جاري رکنداسين.

مزید خبریں