اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي وڌائڻ ۽ عورتن کي مناسب طبي سار سنڀال حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ طبي ماهرن، سماجي تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جي ذريعن، تعليمي ادارن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته سڄي پاڪستان جون عورتون پنهنجي صحت کي اهميت ڏين ۽ صحت بابت ڪنهن به ڳڻتي جي صورت …
عورتون پنهنجي صحت کي اهميت ڏين، طبي مدد حاصل ڪرڻ ۾ هرگز هٻڪ محسوس نه ڪن: آصفه ڀٽو زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي وڌائڻ ۽ عورتن کي مناسب طبي سار سنڀال حاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ طبي ماهرن، سماجي تنظيمن، سول سوسائٽي ۽ ميڊيا جي ذريعن، تعليمي ادارن جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي چيو ته سڄي پاڪستان جون عورتون پنهنجي صحت کي اهميت ڏين ۽ صحت بابت ڪنهن به ڳڻتي جي صورت ۾ طبي مدد حاصل ڪرڻ ۾ هرگز هٻڪ محسوس نه ڪن. هن اها ڳالهه ڇاتي کان آگاهي واري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چئي جيڪا اڄ 19 آڪٽوبر تي ملهائي پئي وڃي. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان ۾ عورتن کي ياد ڏياريان ٿي ته انهن جي صحت اهميت رکي ٿي، جڏهن به کين پنهنجي صحت جي حوالي سان ڳڻتي هجي ته کين طبي مشوري لاءِ هر گز هٻڪ محسوس نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڇاتي جو ڪينسر تمام مختلف حالتن سان تعلق رکندڙ عورتن ۽ انهن جي خاندانن کي متاثر ڪري ٿو. هن بيماري کي منهن ڏيندڙ عورتن لاءِ هي وقت خوف ۽ بي يقيني جو سبب بڻجي سگهي ٿو. سندن خاندان لاءِ به اهو هڪ مشڪل وقت هوندو آهي، ان لاءِ هن بيماري جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ متاثر عورتن کي مدد فراهم ڪرڻ تمام اهم آهي، صحت ۾ ٿيندڙ تبديلين تي وقت سر توجهه ڏيڻ عورتن کي مناسب طبي مشورا حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. خاتون اول چيو ته مان پنهنجي سڀني ڀينرن کي اپيل ڪيان ٿي ته هو پنهنجي صحت جو خيال رکن ۽ جڏهن به کين پنهنجي صحت جي حوالي سان کين ڪا پريشاني ٿئي ته ماهر ڊاڪٽرن کان مشورو وٺڻ کان نه گهٻرائين، آگاهي ذريعي اسان کي خوف ۽خاموشي جي جاءِ تي درست معلومات فراهم ڪرڻ جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ ۽ وقت سر علاج کي هٿي ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته خاندان جي فردن جو ذميواراڻو ڪردار به اهم آهي، عورتن کي ويجهن ماڻهن کان پنهنجي صحت بابت خدشن جو اظهار ڪرڻ ۾ اطمينان محسوس ڪرڻ گهرجي ۽ جڏهن هو علاج لاءِ ڊاڪٽرن سان رابطو ڪن ته انهن جي حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي. خاندان جي مدد ڪنهن به عورت لاءِ سنگين بيماري جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ آسان بڻائي سگهي ٿي. هن چيو ته سڄي پاڪستان جي عورتن ۽ خاندانن سان ڇاتي جي ڪينسر بابت درست معلومات پهچائڻ به ضروري آهي، طبي ماهر، سماجي تنظيمون، سول سوسائٽي، ميڊيا جا ذريعا ۽ تعليمي ادارا آگاهي وڌائڻ ۽ عورتن کي مناسب طبي پرگهور هاصل ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. خاتون اول چيو ته انهن عورتن جي همٿ کي به خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيان ٿي جيڪي ڇاتي جي ڪينسر کان متاثر زندگي گذاري رهيون آهن ۽ جيڪي انهن جي علاج جي تجربي مان گذري چڪيون آهن، انهن جو به حوصلو اسان جي احترام جو مستحق آهي. کين اهو احساس هئڻ گهرجي ته کين پنهنجي خاندانن ۽ مٽن مائٽن جي حمايت حاصل آهي. هن ڇاتي جي ڪينسر کان متاثر عورتن جي مدد ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ خدمتون انجام ڏيندڙ ڊاڪٽرن، نرسن، طبي ڪارڪنن، رضاڪارن، مريضن جي تنظيمن، ميڊيا ورڪرز ۽ ٻين جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته سندن خدمتون عورتن ۽ خاندانن کي هن مشڪل سفر ۾ بهتر سوچ ويچار ۽ مدد فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿيون. خاتون اول چيو ته اچو اسان ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ کُلي ڳالهايون ۽ پنهنجي آسپاس موجود عورتن جي حوصلا افزائي ڪيون ته هو پنهنجي صحت تي ڀرپور توجهه ڏين، اسان کي اهو يقيني بڻائن گهرجي ته ڪا به عورت علاج لاءِ رجوع ڪرڻ وقت يا هن بيماري کي منهن ڏيڻ وقت پاڻ کي اڪيلي محسوس نه ڪري.










