اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي قلات ۽ گوادر ضلعن جي مختلف علائقن ۾ ڀارتي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ فتنه الھندوستان جي چئن دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ گوادر ضلعي جي شادي ڪور علائقي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران ميجر وجاهت وحيد جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن ايوان صدر جي …
صدر پاران بلوچستان ۾ چئن دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش، ميجر وجاهت وحيد جي شهادت تي ڏک جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد- 19 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي قلات ۽ گوادر ضلعن جي مختلف علائقن ۾ ڀارتي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ فتنه الھندوستان جي چئن دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي ۽ گوادر ضلعي جي شادي ڪور علائقي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران ميجر وجاهت وحيد جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. سومر ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، صدر مُلڪ جي دفاع ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ميجر وجاهت وحيد جي عظيم قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ شهيد جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. صدر ملڪ جي امن ۽ استحڪام ۽ عوام جي تحفظ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي مسلسل قربانين ۽ پيشيوراڻين خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته دهشتگردن جي غيرمُلڪي سرپرستن ۽ انهن جي مقامي سهولتڪارن جي هر سازش کي ناڪام بڻايو ويندو.










