اسلام آباد-02 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نمائندي عاصم افتخار احمد گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ وڌندڙ ڇِڪتاڻ جي نتيجي ۾ خطي جي تازي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب ڳالهين ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ سلامتي جي اُڀرندڙ صورتحال سان گڏوگڏ ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ جي گهٽتائي جي ضرورتن تي زور ڀريندي ان لاءِ ڪيل ڪوششن تي ڌيان ڏنو ويو. پاڪستاني نمائندي عالمي اداري جي سربراهه سان خيالن جي ڏي وٺ ۾ عالمي امن استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو.