وزير آباد-02 مئي (اي پي پي) اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ڀارت خطي جي امن کي بگاڙڻ جي سازش ڪئي آهي، پاڪستان پهلگام حملي تي شفاف جاچ لاءِ سڄي دنيا کي دعوت ڏني آهي ۽ ڀارت جو مڪروه چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي. ڀارت ڪجهه منٽن اندر حملو ڪندڙن جا نالا تائين جاري ڪري ڇڏيا. ڀارتي فالس فليگ آپريشن جي حقيقت دنيا آڏو وائکي ٿي چڪي آهي. هو پ پ پنجاب جي نائب صدر اعجاز احمد سمان جي رهائشگاهه تي مرڪزي اڳواڻ سيد حسن مرتضيٰ سان گڏ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. هن چيو ته سيالڪوٽ پ پ 52 ننڍي چونڊ ۾ پ پ بهترين رزلٽ ڏيندي. پنجاب ۾ تنظيمي ڍانچي کي مضبوط ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان دنيا ۽ پاڙيسري ملڪن سان سٺن لاڳاپن جو خواهشمند آهي پر جنگ جي صورت ۾ ڀارت کي اهڙو جواب ملندو جو دنيا ياد رکندي. جعفر ايڪسپريس تي حملي ۾ ڀارت جي ملوث هئڻ جا ثبوت موجود آهن. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪوبه ملڪ جنگ نٿو چاهي، اسان هن وقت بهترين پرڏيهي پاليسي اختيار ڪيو ويٺا آهيون. عالمي دنيا کي پهلگام واقعي جي حقيقت کان آگاهه ڪري چڪا آهيون، جنگ مڙهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته قوم شيهي جي ڀِت بڻجي ويندي. امتحان جي صورت ۾ ڀارت جا ڏند کتا ڪري ڇڏينداسين.