واشنگٽن-02 مئي (اي پي پي) آمريڪا پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڄمون ڪشمير جي صورتحال جي حوالي سان وڌندڙ ڇڪتاڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي ان جي ذميوراڻي حل تلاش ڪرڻ تي زور ڀريو آهي. ڪالهه آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ٽيمي بروس چيو آهي ته آمريڪي حڪومت ٻنهي ملڪن سان مستقل رابطي ۾ آهي. صحافين سان ڊيلي نيوز بريفنگ ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري مارڪو روبيو پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي خطي ۾ ڊگهي مُدي واري امن ۽ سلامتيءَ جي مفاد ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ترجمان چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميه صورتحال تي گهري نظر رکيو ويٺي آهي. هن چيو ته پرڏيهي سيڪريٽري ٻنهي ملڪن تي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪري مسئلي جو ذميوراڻو حل تلاش ڪرڻ تي زور ڀريو، جيڪا ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي مُدي واري امن ۽ علائقائي استحڪام کي برقرار رکي. اي