لاهور- 02 مئي (اي پي پي) نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته پنهنجي خاندان جي فوت ٿيل ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ لازمي طور رد ڪرائين. نادرا ترجمان مطابق جيڪڏهن ڪنهن شخص جي وفات جي داخلا لاڳاپيل يونين ڪائونسل ۾ ٿي چڪي آهي پر نادرا مان سڃاڻپ ڪارڊ رد ناهي ڪرايو ويو ته ان شهري جي والدين، گهرواري يا مڙس يا ٻارن کي نادرا آفيس يا پاڪ آءِ ڊي موبائل ايپ ذريعي ڪنهن به سڃاڻپ دستاويز جي درخواست ڏيڻ کان اڳ پنهنجي مرحوم مائٽ جو سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪرائڻ گهرجي جنهن کانپوءِ درخواست جي پراسيسنگ ٿيندي، وفات جي صورت ۾ سڃاڻپ ڪارڊ رد ڪرائڻ جي ڪا فيس ناهي. عوام جي شڪايتن کي نظر ۾ رکندي نادرا طرفان وڌيڪ معلومات نادرا جي آفيشل سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي به ڏني وئي آهي. شهري پنهنجن مسئلن جي حل لاءِ نادرا جي يو ٽيوب چينل، فيس بڪ، ايڪس، انسٽا گرام يا نادرا جي ويب سائيٽ وزٽ ڪن يا هيلپ لائن 051111786100 تي ڪال يا موبائل صارفين 1777 تي رابطو ڪري سگهن ٿا.