سرينگر – 02 مئي (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي ھيٺ ڄمون ڪشمير ۾ پيپلز ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي صدر محبوبه مفتي پھلگام فالس فليگ آپريشن بعد ڪشميرين جي جبري ملڪ بدري جي حڪم ۽ ملڪيتنون ضبط ڪرڻ بابت جاري مھم تي ڀارتي حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي آھي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق محبوبه مفتي ھڪ ميڊيا انٽرويو ۾ چيو ته مودي حڪومت ھزارين ڪشميرين کي گرفتار ڪيو آھي. 30 يا 40 سالن کان ترسيل ڪشميرين کي واپس پاڪستان وڃڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. ھن خبردار ڪيو ته ڪشميرين جي گھرن کي ڊاھڻ جي مھم ۽ گھرن تي قبضي سان عوام ۾ ڀارت مخالف جذبا وڌندا. ھن چيو ته ڀارتي حڪومت انهن قدمن سان غريب ڪشميرين جون زندگيون تباھه ڪري رھي آھي. پھلگام واقعي جي حوالي سان محبوبه مفتي واضح ڪيو ته ڪشميري تشدد نه، امن چاھين ٿا ۽ ھو تبديل ٿي چڪا آھن. ھن چيو ته پھلگام واقعو پھريون موقعو ناھي جنھن ۾ ڪشميرين تي الزام لڳايو پيو وڃي. ھن وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ ڪارگل ۽ ممبئي حملن جھڙا واقعا ٿي چڪا آھن پر ھميشه ڳالھين جو عمل ٻيھر شروع ڪيو ويو. ھن خبردار ڪيو ته ٻنھي ملڪن جو ھڪ ئي وقت ڪارروائي ڪرڻ انتھائي خطرناڪ ھوندو. ھن مودي حڪومت تي زور ڀريو ته ھو وڌيڪ عدم استحڪام کي وڌائڻ بدران اھم قدم کنيا وڃن.