اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاناما جي پرڏيهي وزير هاويئر ايڊورڊو مارٽنز آچا واسڪيز سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم کيس موجوده علائقائي صورتحال بشمول ڀارت جي اشتعال انگيز پروپئگنڊه، پاڪستان جي خلاف ان جي غيرقانوني هڪطرفي قدمن، سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ورزي سميت عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي کان آگاهه ڪيو. پاناما جي پرڏيهي وزير ٻنهي ڌرين تي زور ڏنو ته اهي تحمل جو مظاهرو ڪن. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمسقل ميمبر هجڻ جي ناطي ٻنهي ملڪن عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو.