رياض-01 مئي (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان رياض ۾ اردن جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ايمن الصفدي ملاقات ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ انهن کي وڌائڻ جي طريقن جو جائزو ورتو ويو. هاڻوڪي علائقائي ۽ عالمي معاملن خاص ڪري فلسطين ۽ غزه جي پٽي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن غزه جي صورتحال جي حوالي سان گڏيل عرب اسلامي غير معمولي اجلاس طرفان سونپيل وزارتي ڪميٽي جي ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.