مڪو شريف – 30 اپريل (اي پي پي) مڪي شريف جي ميونسپالٽي حج پانڌيئڙن جي رھائشي عمارتن لاءِ 3 ھزار کان وڌيڪ پرمٽون جاري ڪري ڇڏيون آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ميونسپالٽي جو چوڻ آھي ته مڪي شريف ۾ حج پانڌيئڙن جي رھائش لاءِ جن عمارتن کي پرمٽون جاري ڪيون ويون آھن انھن جو تعداد 3 ھزار 161 جڏھن ته ڪمرن جو مجموعي انگ 4 لک 29 ھزار 232 آھي. ميونسپالٽي جو چوڻ آھي ته حج پانڌيئڙن جي رھائشي عمارتن لاءِ معيار مقرر ڪيا ويا آھن. جن جي جاچ کانپوءِ لاڳاپيل جاچ ٽيم پرمٽون جاري ڪرڻ جي منظوري ڏيندي آهي. جن عمارتن لاءِ پرمٽون جاري ڪيون ويون آھن انھن مان 18 لک 71 ھزار 336 حج پانڌيئڙن جي رھائش جا انتظام ڪيا ويا آھن جيڪي عمارتون مقرر معيار مطابق آھن.