واشنگٽن -30 اپريل (اي پي پي) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن يوڪرين جنگ ڪيترن ئي سالن تائين جاري رهي ته اهو تڪرار ايٽمي جنگ ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو .پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي بلاگر چارلي ڪرڪ کي ڏنل انٽرويو ۾ وينس جو چوڻ هيو ته ميڊيا جا وڏا ادارا ان خيال کي هٿي ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن اها جنگ جاري رهي ته روس ٽٽي ويندو ۽ يو ڪرين پنهنجيون زمينون واپس حاصل ڪري وٺندو سڀ ڪجهه ائين ئي ٿي ويندو جيئن جنگ کان اڳ هيو. هن وڌيڪ چيو ته اها اسان جي موجوده حقيقت ناهي. هن خبردار ڪيو ته ان جنگ جي جاري رهڻ سان سماجي نظام ۽ ايٽمي جنگ جهڙا تباه ڪن نتيجا نڪري سگهن ٿا . هن واضح ڪيو ته آمريڪي حڪومت جي پاليسي ان تڪرار جو خاتمو آهي ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٽيم کي هدايت ڏني آهي ته هو سمورا دستياب وسيلا استعمال ڪندي جنگ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.