سرينگر – 30 اپريل (اي پي پي) مودي جي قيادت ھيٺ ڀارتي حڪومت سچ لڪائڻ ۽ پنھنجي ڪرندڙ عالمي ساک کي سھارو ڏيڻ لاءِ پاڪستاني چينلن تي پابندي لڳائي آهي ۽ عالمي ميڊيا ادارن کي ڌمڪيون ڏئي آزاد ميڊيا کي کوکلو ڪري ڇڏيو آھي جيڪا پھلگام فالس فليگ آپريشن تي ڀارتي بيانيي کي چئلينج ڪري ٿي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق ڀارت ھر ناڪامي بعد ھڪ فالس فليگ آپريشن ڪري ٿو ۽ پھلگام واقعو ان جو تازو مثال آھي. ڀارت اندروني ڏڦيڙ تان ڌيان ھٽائڻ ۽ اختلاف راءِ کي دٻائڻ لاءِ ھڪ نئون بحران پيدا ڪري ڇڏيو آھي. ڀارتي ميڊيا ھندو ايجنڊا جي ترجماني ڪري ٿو. رياست جي سر پرستي ۾ ھلندڙ اينڪرز تشدد کي ھوا ڏين ٿا، اقليتن کي ڏوھاري طور پيش ڪن ٿا ۽ حقيقي صحافت کي پروپيگنڊا ذريعي خراب ڪندا آھن. ٻئي پاسي آزاد ميڊيا تي پابندي جو مقصد ڀارتي عوام کي سچائي تائين سڌي ريت پھچ کان روڪڻ آھي جيڪا والاريل ڄمون ڪشمير ۾ نئين دھلي جي ظالماڻي پاليسين کي بي نقاب ڪري ٿي. بيانيي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مودي حڪومت ھر قسم جو پروپيگنڊا ڪري ٿي. مودي حڪومت ۾ سچ ڳالھائڻ کي غداري سمجھيو ويندو آھي. ڀارت جي صحافين کي بنيادي سوال پڇڻ تي جيلن حوالي ڪيو ويندو آھي. بي بي سي ۽ ڊي ڊبليو جھڙن عالمي ادارن کي به نشاڻو بڻايو ويو آھي. مبصرن جو چوڻ آھي ته جيڪڏھن ڀارت سچو آھي ته اھو پرڏيھي جاچ کان ڇو بچڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي.