اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٻاهرئين سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ان شعبي ۾ 70 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي، مصنوعي ذهانت ۽ آءِ ٽي ۾ نوجوانن جي تعليم ۽ تربيت جو وڏو منصوبو ٺاهيو ويو آهي، زراعت، صنعت، روانگي واپار ۽ ٻين شعبن ۾ آءِ ٽي ۽ اي آءِ مان فائدو کنيو پيو وڃي. ڊيجيٽل فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم سڄي دنيا مان ڊيجيٽل نمائندن جي ڪانفرنس ۾ آجيان ڪندي چيو ته 11 کان وڌيڪ دوست ملڪن جي آءِ ٽي وزيرن، ڊپٽي وزيرن ۽ آءِ ٽي ماهرن کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا. وزيراعظم چيو ته ڊيجيٽل دنيا اڄ سمورن شعبن ۾ غيرمعمولي اثر رکي ٿي. ٻن ڏهاڪن جي ڀيٽ ۾ اڄ جي ڊيجيٽل دنيا تبديل ٿي چڪي آهي. اسان پنجاب ۾ پنهنجي وزارت اعليٰ جي دور ۾ ميرٽ تي نوجوانن ۾ 4 لک ليپ ٽاپ ورهايا. ورلڊ بئنڪ جي پروگرام تحت ڳوٺاڻي معيشت خاص طور تي ايگريڪلچرسٽ کي ڊيجيٽائيز ڪيو ويو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي جيڪا ڊيجيٽل دنيا ۾ دستياب وڏن موقعن مان فائدو کڻي سگهي ٿي. پاڪستاني نوجوان تمام گهڻا باصلاحيت آهن ۽ اهي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته مارچ ۾ 4 ارب 10 ڪروڙ ڊالر جو مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪليو ويو جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ رڪارڊ آهي. هن چيو ته ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن جي تعاون ۽ رهنمائي سان اسان ان قابل ٿي وينداسين ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ دنيا ۾ نمايان مقام حاصل ڪريون. اسان اڳ ۾ ئي ان شعبي ۾ وڏي پئماني تي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي آءِ ٽي پارڪس، انڪيوبيشن، تحقيق ۽ ترقي جي مرڪزن ۽ تربيت سميت مختلف منصوبن تي عمل پيرا آهيون. دنيا جي بهترين ڪمپني سان گڏجي پاڪستان جي پهرين سيف سٽي لاهور جي منصوبي کي عملي جامعو پارايو ويو آهي. چين جي ڪمپني هواوي سان گڏجي ساليانو 2 لک شاگردن ۽ شاگردياڻين کي هنرمندي جي تعليم ڏئي رهيا آهيون. هن سمورن سيڙپڪارن ۽ نارٿ آمريڪا سميت ٻين جي ڪمپنين کي دعوت ڏني ته اهي زراعت کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪرڻ، روانگي واپار وڌائڻ، صنعت جي فروغ ۽ پاڪستان ۾ لاڀائتي روزگار کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان اسان سان گڏجي ڪم ڪن. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڪانفرنس ۾ ڪيل اعلان ۽ عزم حوصلي جوڳو آهي. وزيراعظم ان موقعي تي پاڪستان ۾ پنهنجي روسي حصيدار سان گڏ 50 ڪروڙ ڊالر جي سيڙپڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪندڙ پاڪستاني کي خراج تحسين پيش ڪيو. اهڙي طرح پاڪستاني فزيشنز ۽ ٻين پاران مجموعي طور تي 70 ڪروڙ ڊالر جي اعلانن جي پڻ آجيان ڪئي. هن ڊيجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل ديما اليحييٰ سميت ٻين مهمانن جا خاص طور تي ٿورا مڃيندي سمورن شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته اهي ان خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ ذاتي طور تي رهنمائي ۽ ڪوشش ڪندا. وزيراعظم چيو ته پختي ۽ اڻٿڪ ڪوششن سان پاڪستان آءِ ٽي جي شعبي ۾ دنيا جي پهرين صف ۾ بيهندو.