اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن تازي علائقائي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم کيس ڀارت جي بي بنياد الزامن، اشتعال انگيز بيان بازي ۽ هڪطرفي قدمن جي جواب ۾ پاڪستان جي قومي سلامتي ڪميٽي جي فيصلن کان آگاهه ڪيو. شيخ عبدالله بن زيد النهيان علائقائي استحڪام کي برقرار رکڻ، ڳالهه ٻولهه کي فروغ ڏيڻ، تحمل کان ڪم وٺڻ ۽ تڪرارن جي پرامن حل جي اهميت تي زور ڏنو. بيان موجب پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي ٻنهي اڳواڻن بدلجندڙ علائقائي صورتحال جي روشني ۾ ويجهي رابطن ۽ مشاورت کي برقرار رکڻ جو عزم ڪيو. ٻنهي طرفن ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ امن، استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.