ينگون – 28 اپريل(اي پي پي)ميانمار چيو آهي ته 28 مارچ جي 7.9 جي شدت جي شديد تباهي آڻيندڙ زلزلي بعد هيستائين 157 آفٽر شاڪس اچي چڪا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ميانمار جي موسميات کاتي ۽ هائيڊرالاجي هڪ بيان ۾ چئي. هن ٻڌايو ته 28 مارچ تي ملڪ ۾ آيل 7.9 جي شدت جي زلزلي ۾ هيستائين فوتگين جو انگ وڌي 3763 ٿي ويو آهي ۽ 5107 زخمي آهن جڏهن ته 110 ماڻهو اڃان تائين لاپتا آهن. حڪومت جو چوڻ هو ته زلزلي بعد آفٽر شاڪس جو سلسلو اڃان تائين جاري آهي جن جو انگ به وڌي 157 ٿي چڪو آهي جنهن جي ريڪٽر اسڪيل تي شدت 2.8 کان 7.5 جي وچ ۾ رهي.