واشنگٽن-26 اپريل (اي پي پي)ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آءِ ايم
ايف-ورلڊ بئنڪ اسپرنگ ميٽنگز جي موقعي تي واشنگٽن ڊي سي ۾ جي پي
مورگن چيز جي سينيئر مينجمنٽ سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزارت جي
جاري ڪيل بيان موجب ان موقعي تي ناڻي واري وزير کي آگاه ڪيو ويو ته
پاڪستان جي اقتصادي اهڃاڻ درست رخ طرف گامزن آهن. هن پائيدار معاشي
ترقي جي اهميت تي زور ڀريو ته جئين معيشت کي بار بار عروج ۽ زوال جي
چڪرن کان بچائي سگهجي. هن ريڪوڊڪ منصوبي تي ٿيل اڳڀرائي بابت وفد
کي آگاه ڪيو ۽ ملڪ لاءِ مارڪيٽ ۽ مختلف شعبن ۾ تنوع پيدا ڪرڻ جي
ضرورت تي زور ڀريو. ناڻي واري وزير ڪيپٽل مارڪيٽس ۾ پاڪستان جي
واپسي جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ٻڌايو ته حڪومت پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ
ذريعي ان جي شروعات ڪرڻ چاهي ٿي.