اسلام آباد-25 اپريل (اي پي پي) سينيٽر شيري رحمان پهلگام حملي جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته ان واقعي جي ذميواري ڀارت جي پنهنجي سيڪيورٽي جي ناڪامي تي لاڳو ٿئي ٿي. گذريل ڏينهن سينيٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته بنا ڪنهن ثبوت جي پنجن منٽن ۾ پاڪستان تي الزام لڳائڻ انتهائي غير ذميواراڻو عمل آهي. سينيٽر شيري رحمان چيو ته اڄ اسان متحد ٿي هڪ متفقه قرارداد پاس ڪئي آهي جيڪا ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستاني قوم دهشتگردي خلاف هڪ زبان آهي، اسان ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو آهي. هن چيو ته سندن پارٽي ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي، والاريل ڪشمير ۾ جيڪي ظلم جاري آهن اهي مودي حڪومت جي پاليسين ۽ ڀارتي جمهوريت جي حقيقي تصوير آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڀارت کي پنهنجي ناڪامين جو بار ٻين تي وجهڻ بدران پنهنجي داخلي مسئلن جو سنجيدگي سان جائزو وٺڻ گهرجي. هن عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته اهي والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جونوٽيس وٺن. شيري رحمان ڪشمير جي حوالي سان پيپلزپارٽي جي مستقل ۽ واضح موقف کي ورجايو ۽ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلم هندستان جي نام نهاد جمهوريت جي تصوير آهي، جيڪڏهن غزه ۾ نسل ڪشي ٿي رهي آهي ته ڪشمير ۾ به ان کان گهٽ ڪو ظلم ناهي ٿي رهيو. هن چيو ته هن ايوان پاڻي تي ڀارتي دهشتگردي (واٽر ٽيررازم) تي جيڪو موقف اختيار ڪيو آهي اهو بلڪل درست آهي، ڀارت گذريل سال کان سنڌ طاس معاهدي کي غير فعال بڻائڻ جو منصوبو رکيو آهي ۽ هڪ سال کان پي آءِ سي (پاڪستان انڊس واٽر ڪميشن) کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀارت کي سوچڻو پوندو ته ماحوليات جي جيڪا يلغار هن خطي تي اچي رهي آهي ان جا اثر جلد کين نظر اچڻ شروع ٿي ويندا، اسان سمجهون ٿا ته امن ئي مسئلي جو حل آهي پر جيڪڏهن هو اڳتي وڌندا ته ڪير پٺتي نه هٽندو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان جي ڪا به حڪومت قومي سلامتي تي ٺاهه نه ڪندي، جيڪڏهن هو اسان جي هٿياربند فوج يا عوام جو امتحان وٺڻ چاهين ٿا ته اسان لوهه جي ديوار بڻجي ڏيکارينداسين. هن ڪلڀوشن ياديو جي پاڪستان ۾ موجودگي، جفعر ايڪسپريس حملي ۽ پلوامه واقعي جو حوالو ڏيندي ڀارت جي مڪروه ارادن کي بي نقاب ڪيو ۽ چيو ته ڀٽو شهيد اسان کي ايٽمي طاقت بڻايو، اسان پرامن قوم آهيون پر پنهنجي سلامتي تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪنداسين. شيري رحمان چيو ته ايل او سي تي هڪ ڏينهن نه گذريو ۽ ڀارت وري ڳڙٻڙ ڪئي پر اسان جي فوج چوڪس آهي ۽ اسان هر جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.