تهران -25 اپريل (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايران ايٽمي پروگرام تي ڳالهين لاءِ جرمني، فرانس ۽ برطانيا وڃڻ لاءِ تيار آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب هن ايڪس تي پوسٽ ۾ چيو ته تازو روس ۽ چين سان مشورا ڪيا آهن. ان مشوري بعد مان تيار آهيان ته اسان کي ايٽمي معاملن تي ڳالهين جي پهرين مرحلي ۾ برلن، لنڊن وڃڻو پيو ته وينداسين. هن چيو ته نه رڳو ايٽمي معاملي تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون پر گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي به ڳالهه ٻولهه لاءِ تيار آهيون. ياد رهي ته ايران هلندڙ مهيني دوران آمريڪا سان ايٽمي پروگرام جي حوالي سان ڳالهين جي شروعات ڪئي آهي. انهن ڳالهين جا هن وقت تائين ٻه دور ٿي چڪا آهن. پهريون دور مسقط ۾ ٿيو ۽ ٻيو دور روم ۾ منعقد ڪيو ويو. اڄ ڇنڇر تي اومان جي گادي واري هنڌ انهن ڳالهين جو ٽيون دور ٿيڻ وارو آهي.